سومرو محمد عثمان

سومرو محمد عثمان

محمدعثمان سومرو

محمدعثمان سومرو: مشهور سياستدان، وڏيرو محمد عثمان سومرو ڳوٺ گرڙ تعلقي ٺٽي ۾، سن 1902ع ۾ ڄائو. ان ڳوٺ کي ’ڪوٽڙي پراڻي‘ به سڏيو وڃي ٿو. هي ڳوٺ اصل وڏيري محمد عثمان جي ڏاڏي محمد هاشم سومري اَڏايو هو. ڳوٺ جي چؤڌاري ’ڪوٽڙي‘ يا ’ڪوٽ‘ ڏنل هو. انهيءَ ڪري هن ڳوٺ کي ’ڪوٽڙي هاشم سومرو‘ به ڪوٺيندا آهن. محمد عثمان سومري ننڍي هوندي ڳوٺ جي مولويءَ وٽ ابتدائي تعليم، قرآن شرف سان گڏ پارسي دووايو، ٽِوايو ۽ ڪريمان تائين تعليم حاصل ڪئي. ان کان پوءِ ٺٽي جي لوڪلبورڊ اسڪول ۾ ست درجا سنڌي ۽ ٽي درجا انگريزي پڙهايو. عثمان سومري ننڍيءَ عمر ۾ سياست ۾ حصو ورتو. 1920ع ۾ تعلقي ٺٽي لوڪلبورڊ جي چونڊن ۾ ڪامياب ٿيو. پنجن سالن کانپوءِ 1925ع ۾ ڪراچي ضلعي لوڪلبورڊ جي چونڊن ۾ ڪامياب ٿيو. سندس شهرت ۽ اثر جو وڏو ثبوت هي آهي ته هُو سن 1932ع کان 1935ع تائين مسلسل ٽي سال ٺٽي تعلقي لوڪلبورڊ جو پريزيڊنٽ رهيو. اهڙيءَ طرح 1937ع کان 1945ع تائين سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. سن 1925ع کان 1928ع تائين ٺٽي جو بينچ مئجسٽريٽ رهيو. عثمان سومري خلافت هلچل ۾ به بهرو ورتو ۽ تعليمي سرگرمين ۾ حصو ورتو ويو. 1936ع کان 1940ع تائين ڊسٽرڪٽ اسڪول بورڊ ڪراچيءَ جو چيئرمئن ٿي رهيو. مرحوم رسول بخش آخوند، مرحوم شيخ ڪريم بخش، مرحوم عبدالرسول سومرو ۽ مسٽر عبدالعليم قريشي سندس زماني ۾ آئڊ منسٽريٽو آفيسر ٿي رهيا. اهڙيءَ طرح سنڌ مدرسي بورڊ جو ڪافي عرصي تائين ميمبر ٿي رهيو. سومري صاحب جا سنڌ جي وڏن ماڻهن سان دوستيءَ جا ناتا هئا. مرحوم سردار واحد بخش ڀٽي سان سندس گهاٽي ياراڻي هئي. 1928ع ۾ سردار واحد بخش ڀٽي تي مائي خانزاديءَ جي گم ٿيڻ جو ڪيس ٿيو هو، جنهن ڪيس ۾ سومري صاحب کي به سردار مرحوم سان گڏ جوابدار ڄاڻايو ويو هو، پر ڪيس مان 1930 ع ۾ سڀئي باعزت آزاد ٿيا. هن ڪيس کانپوءِ مرحوم ڀُٽي جي دوستن توڙي اتر سنڌ ۾ سومري صاحب جو ناماچار وڌيو. سنڌ اسيمبلي جي چونڊن کانپوءِ محمد عثمان سومرو ’اتحاد پارٽي‘ جو ميمبر ٿي رهيو ۽ خانبهادر الله بخش سومري سان سندس دوستاڻا تعلقات ٿي ويا. جڏهن الله بخش سومرو سنڌ صوبي جو وزيراعظم هو، تڏهن هي به سندس مدگارن مان هڪ هو. هن زماني ۾ مرحوم جعفر خان جماليءَ سان سندس گهرا دوستاڻا ناتا پيدا ٿيا. اهڙيءَ طرح مرحوم محمد هاشم گزدر ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ سان به پنهنجا ناتا قائم رکيائين. سومري صاحب جو خانداني ڌنڌو زمينداري هو. لاڙ جو وڏو زميندار هلندي ڀڄنديءَ، اثر رسوخ ۽ ڀاءُ برادريءَ ۽ سرندپال ۽ با اخلاق شخص هئڻ ڪري سنڌ جي سومرن، سن 1942ع ۾ کيس پنهنجو سردار مقرر ڪري، کيس سرداريءَ جي پڳ ٻڌائي. عثمان سومرو ڪجهه وقت سياست کان ٻاهر رهيو، پر آخري ڏينهن ۾ پيپلز پارٽيءَ جو سرگرم ميمبر رهيو. هن 1969ع م وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو